در محمد ڊول

در محمد ڊول: مولوي در محمد ولد ملا واصل محمد ڊول 1293هه/1886ع ۾ ڳوٺ محمد واصل لڳ ٺل ضلعي جيڪب آباد ۾ ڄائو. هيءُ ٺل جي پرائمري اسڪول ۾ ست درجا سنڌيءَ جا پڙهڻ کانپوءِ مولانا نبي بخش عوديءَ کان تعليم وٺي دستاربند ٿيو. علم جي تحصيل کان پوءِ مولوي در محمد مختلف مدرسن ۾ تعليم ڏني. ان بعد جونگل ۾ پنهنجو مدرسو قائم ڪري 9 سال اتي تعليم ۽ تدريس جو ڪم جاري رکيائين، جنهن بعد وري اچي ٺل ۾ مدرسو قائم ڪيائين، جتي اٺ سال تعليم ڏنائين. آخر ۾ ٻيهر جونگل جي مدرسي ڏانهن موٽي ويو.
مولوي در محمد ڊول خلافت تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ سان سياست جي ميدان ۾ قدم رکيو. هو اتر سنڌ جي ناميارن خلافتي ڪارڪنن مان هو. هن شروع کان آخر تائين تحريڪ جي هڙان وڙان مدد ڪئي. هيءُ جيڪب آباد خلافت ڪاميٽيءَ جو ناظم به ٿي رهيو. خلافتي عالمن جڏهن انگريزن ۽ امن سڀائين خلاف فتوائن جو سلسلو شروع ڪيو ته هن به ڪيترين فتوائن تي صحيون ڪيون. ان کانسواءِ هو تحريڪ جي مکيه گڏجاڻين، خواهه ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪندو هو. خلافت تحريڪ جي خاتمي کانپوءِ جمعيت العلماء سنڌ ۾ شامل ٿي سياسي خدمت ڪيائين. هيءُ جيستائين ٺل ۾ رهيو، تيستائين هي شهر خلافت تحريڪ خواه جمعيت جو مرڪز رهيو ۽ سندس ئي ڪوششن سان اتي ڪيترائي عظيم الشان جلسا به منعقد ٿيا. 1944ع ۾ حيدرآباد جي تاريخي قلعي ۾ جڏهن قاري محمد طيب ديوبنديءَ جي صدارت هيٺ جمعيت العلماء سنڌ جو جلسو ٿيو ته مولانا به ان ۾ شريڪ ٿي وطن جي آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو. هن تاريخ 18 شعبان سن 1370هه/ 21 مئي 1951ع تي وفات ڪئي.


لفظ در محمد ڊولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو